اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪ??يٽي (اي سي سي) سال 21 -2020ع لاءِ ڪابينا جي سامهون ڪڻڪ جي گهٽ کان گهٽ امدادي قيمت 1600 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪي?? آهي، اي سي سي ٽريڊنگ ڪارپوريشن لاءِ شروعاتي طور تي مختص ڪي?? 1.50 ملين ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ جي ماپي کي 1.80 ميلن ??يٽرڪ ٽن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪي?? آهي ته جيئن فيبروري جي وچ ڌاري خيبرپختونخوا ۽ سنڌ لاءِ اضافي 0.30 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، اي سي سي 3 نومبر کانپوءِ مدي ۾ ايگري ٽيڪ ۽ فاطمه فرٽيلائيزرز لاءِ 772 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي اگهن جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪي?? آهي، اقتصادي رابطا ڪ??يٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.