اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته اقتدار کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلو?? ڪري ڇڏيو آ??ي، استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا جلسا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيوزڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي ڄاڻي وٺن ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ڪرپشن جي خلاف نڪرندي آهي، عمران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي بينيفشريز جي خلاف جنگ پوري قوت سان جاري رهندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين جتن ڪري وٺن، عوام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي هوندي.