اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي اعتماد جي ووٽ کانپوءِ ??ين??ٽ جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائي?? لاءِ ??فن ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته مخالف ڌر ڪرپشن، لُٽ مار ۽ ذاتي ج??ئيدادن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي آهي، اڄوڪي اليڪشن مان اهو ثابت ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي پٺ ۾ ڇرو هنيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽين جي تعاون سان قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪندي ??ين??ٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ڊي ايم هر جاءِ وانگر پارليامينٽ مان به رد ٿي چڪي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ميڊيا بريفنگ روم ۾ ??ين??ٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ ??سان کي پهرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ڇو ته ملڪ هن وقت پوئتي وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي سياست پاڪستان جي عوام لاءِ نه پر ذاتي مفادن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا لانگ مارچ کان شروع ٿي، استعيفائن جي ڳالهه ٿي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ٻيهر هو لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي عوام ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نه پر ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهي، هن چيوته ته اڄوڪي سبق مان پي ڊي ايم جي سياسي تدفين ٿي چڪي آهي ان تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ??ين??ٽ چيئرمين جي چونڊ جي موقعي تي مخالف ڌر ڪئميرائن جو ڊرامو رچايو، وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي به مخالف ڌر اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون جنهن جو مقصد اليڪشن جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ هو. هن چيو ته عمران خان هڪ نڊر، سچو ۽ بهادر اڳواڻ آهي. هو ملڪ ۽ قوم کي ترقي طرف وٺي ويندو.