ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي سمورن طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، نئين نسل خير جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ سان گڏوگڏ بدعنواني جي خلاف اٿي، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جا اصول اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، ٻار پ??هن??ي ۽ ماحول جي صفائي جو خاص خيال رکن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسڪائوٽس سنڌ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي چيف ڪمشنر سرفراز قمر، سنڌ ??و چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي ڪمشنر اسڪائوٽ سيد ممتاز علي شاهه، سڄي ملڪ مان مختلف اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي نمائندن، اسڪائوٽس ۽ خصوصي اسڪائوٽس ش??ڪت ڪئي. صدر چيو ته اسڪائوٽس هڪ تربيتي تحريڪ آهي جيڪا تنظيم، نظم ۽ نسق ۽ خدمت جي تربيت فراهم ڪندي آهي. هن ان موقعي تي اسڪائوٽس ۾ پ??هن??ي شموليت ۽ ان تحريڪ سان جڙيل پ??هن??ي يادن جي باري ۾ ش??ڪت ڪندڙن کي ٻڌايو، صدر ٻارن کي صفائي، سٿرائي ۽ صحتمند ماحول جي اهميت کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻارن کي پ??هن??ي ۽ ماحول جي صفائي جي نصيحت ڪندي چيو ته ماحول کي صاف رکڻ لاءِ وڻن جي تمام گهڻي اهميت آهي. وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. ٻارن کي پاڻ به ٻوٽا لڳائڻ گهرجن ۽ پ??هن??ي مٽن مائٽن کي به ٻوٽا لڳائڻ لاءِ قائل ڪرڻ گهرجي.