اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿ??ندي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آهي، مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين سان سڌارن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وف??قي وزير چيو ته ڪابينا جي ڪاغذي ڪارروائي جي ڊيجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿ??ندي.