اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سان ٽوڪ??و اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪ??و اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن بهتر ران?? جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان مو??عي تي صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي حوصلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.