تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي آهن. افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير ??يو ته ا??غانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سل??لي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير ??يو ته ا??راني هم منصب سان ملاقات ۾ افغانستان ۽ علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي ??اب??ن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هي?? آهن، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته ا??غانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته ا??غانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته ا??غان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.