اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي ??ان ڪوشش ڪري ر??يا آهيون ته انهن معاملن تي ??تفاق راءِ پيدا ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي مخالف ڌر سان هڪ ڀي??و ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد جي لا??ِ ملتوي ڪيو پيو وڃي، اسان کي اميد آهي مخالف ڌر انهن اهم سڌارن تي ??نجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنداسين جهن ته ائين نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.