اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائي کي سامهون رکندي اقتصادي ۽ واپ??ري تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا، پاڪستان عمان لاءِ وچ ايشيائي رياستن تائين گيٽ وي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا الصالح جي قيادت ۾ واپ??ري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ اوپ??ري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته ٻنهي ??لڪ?? جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته عمان واپ??ري سرگرمين لاءِ پاڪستان کي يورپي ??لڪ?? تائين پهچ ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ استحڪام ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ عالمي سطح تي مثالي تعاون هڪ ٻي تي ڀرپور اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي سطح تي مختلف فورمن تي ٻنهي ??لڪ?? ۾ بهتر مدد ڏسڻ ۾ آئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سينيٽ ۽ عمان جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ تاريخي گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته عماني واپ??ري پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ڪن، پاڪستان ?? غير ??لڪ?? سيڙپڪارن لاءِ ماحول سازگار آهي، پاڪستان غير ??لڪ?? سيڙپڪ??ري جي فروغ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. واپ??ري وفد جي دوري سان ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ عمان پنهنجي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائين، عمان جا سيڙپڪار ماڻهو گوادر ۾ سيڙپڪ??ري جي موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو. ملاقات ۾ سينيٽرز حافظ عبدالڪريم، دلاور خان، منظور احمد ڪاڪڙ، ڪهده بابر، ذيشان خانزاده، فيصل سليم ۽ سينيٽ سيڪريٽري قاسم صمد خان به شريڪ هئا.