اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي حاضر دور جي گهرجن سان ??م آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي ۽ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان ??وجود آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ هواوي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجاي واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت، هواوي جي وچ اوڀر خطي ??ي نائب صدر وانگ شان ??ي ۽ آءِ ٽي جي شعبي سان ??اڳاپيل ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان کي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فرق ختم ڪرڻو آهي، پاڪستان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهرن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انٽرنيٽ ۽ ايميزون جي ذريعي گهر کان ئي ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان ??وجود آهن، پاڪستان ??ڪ خاموش انقلاب مان گذري رهيو آهي، خواهش آهي ته نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڊجيٽل ٽرانسفارميشن طرف وڃي رهيو آهي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون ته جئين ڪرپشن جو خاتمو ٿي سگهي.
صدر تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي باعث اعزاز قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ٽيم هواوي مقابلن ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. صدر چيو ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن ۽ هواوي جهڙيون وڏيون ڪمپنيون انهن جي صلاحيت کي سامهون آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 2030ع تائين دنيا کي آءِ ٽي جي هڪ ڪروڙ کان ??ڌيڪ ماهرن جي ضرورت هوندي، پاڪستان کي پنهن??ي نوجوان آبادي مان ??ائدو کڻندي کين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي هنرمند بڻائڻ گهرجي ۽ ملڪ کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته اسان آءِ تي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ان ??قصد لاءِ يونيورسٽين ۾ ورچوئل شاگردن جو تعداد وڌايو ويندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب ٽيڪنالاجي جي تعليم سان ??وجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت تقريب جي انعقاد تي هواوي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ٽيم وچ اوڀر خطي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، نوجوان ??اڪستان جو مستقبل آهن جنهن کي تعليم يافته ۽ هنر مند بڻائڻ جي ضرورت آهي،
هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي جي برآمدات وڌائينداسين ۽ صدر جي رهنمائي ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صنعت ۾ هدفن کي حاصل ڪنداسين. تقريب کي هوا وي جي وچ اوڀر خطي ??ي نائب صدر به خطاب ڪيو. هن چيو ته 450 يونيورسٽين جي 15 هزار شاگردن هواوي آءِ سي ٽي مقابلي 2021ع ۾ شرڪت ڪئي جنهن مان ??اڪستان جي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي صلاحيت مڃرائي. صدر تقريب ۾ پاڪستان جي ڪامياب ٿيندڙ ٽيم کي هواوي پاران 20 هزار ڊالر جو چيڪ به ڏنو.