اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سريل??ڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريل??ڪا جي واپار واري ??زي?? ڊاڪٽر بندولا گ??او??ڌني ۽ علائقائي تعاون جي رياستي ??زي?? ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي ??زي?? چيو ته پاڪستان ۽ سريل??ڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ سريل??ڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موجود آهن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان، سارڪ فورم جي حوالي سان به سريل??ڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريل??ڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي ??زي?? سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏ??ڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر بندولا گ??او??ڌني حڪومت پاڪستان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ ??زي??اعظم سان سريل??ڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي ??زي?? پاڪستان سريل??ڪا جي وچ ۾ آزاد??ڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي واپاري تعاون جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقاتن جي فروغ تي اتفاق ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر گ??او??ڌنا سريل??ڪا جي واپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.