لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست مخالف ڌر جو مقدر بڻي، نام نهاد اڪثريت باوجود مخالف ڌر بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي، يوسف رضا گيلاني جو ٿورو ادا جُون مهربانيُون آه?? جنهن بل جي منظوري ۾ ساٿ ڏنو، ن ليگ ۾ قيادت جي ويڙهه آه??، مولانا فضل الرحمان فارغ آه??، ڪڏهن هو پيپلزپارٽي ۽ ڪڏهن ن ليگ سان گڏ هوندو آه??، ثابت ٿي ويو آه?? ته عمران خان جي آڏو اهي سياسي پارٽيون ڍير ٿي چڪيون آه??، نواز شريف اچي نه رهيو آه?? ان کي آندو پيو وڃي، شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو ارادو رکن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سينيٽ مان بل جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ٿي چڪيون آه??، بل جي منظوري کانپوءِ پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ايندو. روپئي جو قدر مستحق ٿيندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي ويندي آه??، جيڪي ادارا پاڪستان سان ڏي وٺ ڪندا آه?? انهن کي استحڪام ملي ٿو، هن چيو ته اڄ هن بل جي منظوري سان مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪا مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جو خواب ڏسي رهي هئي انهي کي خبر پئجي وئي آه?? ته هنن جو خواب هن ايوان ۾ پورو نه ٿيو، جتي انهن کي نام نهاد اڪثريت حاصل آه??. هن چيو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڪثريت جي باوجود بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا مخالف ڌر کي لفٽ ناهي ڪرائيندي ته انهن وٽ ڪا اسڪيم موجود نه آه?? جنهن تي اهي سياست ڪري سگهن، هن چيو ته اڄ جي شڪست مخالف ڌر جي سياسي ناڪاره پڻي تي مهر لڳائي ڇڏي آه?? ان بري شڪست کانپوءِ مخالف ڌر ڪجهه ڏينهن تائين سڪون ۾ هوندي، هن چيو ته مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آه??، ن ليگ ۾ ليڊرشپ جي ويڙهه آه??، پيپلزپارٽي ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آه??، مولانا فضل الرحمان فارغ آه??، ڪڏهن هو پيپلزپارٽي ۽ ڪڏهن ن ليگ سان گڏ هوندو آه??، هو حلوو ۽ پنهنجو چورن وڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ آه??، هن چيو ته مخالف ڌر جي ناڪاره حڪمت عملي جي نتيجي ۾ هڪ ٻي شڪست انهن جو مقدر بڻي، پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي برتري سيينيٽ ۾ ثابت ڪري ڇڏي آه??. هن چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو آه?? ته عمران خان جي اڳيان اهي سياسي پارٽيون ڍير ٿي چڪيون آه??، هن بل جي منظوري تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آه?? ته ان بل جي منظوري کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آزاد ادارو ٿيندو، ان جو هڪ طاقتور بورڊ هوندو، جيڪو پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو لاهور اچڻ جو بنيادي مقصد ٻن وڏن منصوبن سي بي ڊي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن جو دورو ڪرڻ هو، هن چيو ته سي بي ڊي پراجيڪٽ لاهور جي وچ ۾ آه??، جيڪو والٽن روڊ کان شروع ٿي والٽن ايئرپورٽ تائين آه??، ان منصوبي ۾ هن وقت تائين 24 ارب روپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آه??، سي بي ڊي منصوبي ۾ بلند عمارتون تعمير ٿينديون، لاهور جو پورو منظرنامو تبديل ٿي ويندو، هن چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبي تي هاءِ ڪورٽ خدشن جو اظهار ڪيو آه??، حڪومت کي حق حاصل آه?? ته هو نوان شهر آباد ڪري سگهي، اها ايڪوزيشن ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي لاءِ نه پر نوان شهر ٺاهڻ لاءِ آه??، هن چيو ته پاليسي سازي ايگزيڪيوٽز ۽ پارليامينٽ جو اختيار آه??، پارليامينٽ جو اختيار پارليامينٽ وٽ ۽ ايگزيڪيٽو جو اختيار ايگزيڪيٽو وٽ هجڻ گهرجي، پنجاب حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آه??، هن چيو ته لاهور ۽ شيخو پوره جي وچ ۾ هڪ لک 2 ايڪڙن تي اهو عظيم شهر ٺهي رهيو آه?? ان منصوبي سان وچ پنجاب کي فائدو ٿيندو، اربين ڊالر جي ٻاهرين سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اهو منصوبو وقت سر مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نئين پاڪستان جو خواب شخصيتن تي ٻڌل نه آه?? پر انهن خوابن تي آه?? جيڪي پاڪستان جي ماڻهن ڏٺا آه??، پاڪستان جي ماڻهن عمران خان کي انهن خوابن جي تعمير لاءِ چونڊيو آه??، اهي خواب ۽ لائحه عمل شخصيتن کان وڌيڪ آه??، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي حڪومت ۽ وزيراعظم آه?? جنهن تي ڪو به ڪرپشن جو الزام نه آه??، اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آه?? جنهن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جو ٿورو ادا ڪريان ٿو هن بل جي منظوري ۾ ساٿ ڏنو. هن چيو ته مخالف ڌر جي ڪا خبر نه آه?? اها هڪ ڏينهن ڪجهه چوندي آه?? ته ٻي ڏينهن ڪجهه، ان ڳالهه جي فڪر آه?? ته پاڻ ۾ وڙهي ڪري هڪٻئي جا ڪپڙا نه ڦاڙين، هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته نواز شريف واپس نه اچي رهيو آه?? پر ان کي آندو پيو وڃي، لنڊن ۾ ڪو به ريسٽورنٽ اهڙو نه آه?? جتي هو نه ويو هجي، نواز شريف جون ٻئي اپيلو رد ٿي ويون آه??، ها??ي ان کي لڳي رهيو آه?? ته هتان جون عدالتون ڊگهو عرصو ان کي سهارو نه ڏينديون، ان لاءِ اهڙي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو پاڻ اچي رهيو آه??، پر سچ اهو آه?? ته هو پاڻ نه اچي رهيو آه?? پر کيس آندو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته مسلم ليگ ق اسان جي اتحادي پارٽي آه?? ق ليگ جي دوستن جي خيالن جو احترام ڪريون ٿا، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو ارادو رکن ٿا.