اسلام آباد – 02 في??رو??ي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائي??ار?? جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موق?? رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊ??ام??، فلم، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊ??ام?? جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ افغانست??ن جي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خ??ن جي چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موق?? رهيو آهي، افغانستان ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران افغانست??ن جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مصر جي سفير چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.