اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي ل??ءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي، معاشري کي رواد??ر بڻائڻ جي ل??ءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي ادارن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ادارا قومن جي وچ ۾ مذهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي رواد??ر بڻائڻ جي ل??ءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي ل??ءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي ل??ءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان ??ناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آرچ بشپ چيو ته پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت آهي.