اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ ا??صا?? سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراهمي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن بين الصوبائي رابطنو اري وفاقي وزير فهميده مرزا ۽ وزيراعظم جي سنڌ افيئرز بابت خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ڳالهائيندي چئي جن ساڻس ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات دوران سنڌ حق مارچ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ حق مارچ جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي وائيس چي??رم??ن مخدوم شاهه محمود قريشي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سنڌ مارچ جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ ا??صا?? سنڌ جي پيڙهيل عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ ا??صا?? سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراهمي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.