اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته انساني وقار کي يقيني بڻائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آه??گي کي فروغ ڏيڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آه??. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن ??اري هاءِ ڪمشنر مشيل بيچليٽ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي و??ار?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير انساني حقن، بنيادي آزادي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مذهب يا عقيدي جي آزادي جي فروغ، خودمختياري واري حق، غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ ۽ اسلاموفوبيا جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته انساني وقار کي يقيني بڻائڻ ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ، ٻارن جي حقن کي اڳتي وڌائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ، بين المذاهب هم آه??گي کي فروغ ڏيڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آه??. پرڏيهي وزير ۽ هاءِ ڪمشنر بيچليٽ افغانستان ۾ انساني صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي عوام کي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي کان بچائڻ لاءِ عالمي مدد جي ضرو??ت آهي، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي غير مشروط هجڻ گهرجي ۽ افغانستان جا سڀئي منجمند اثاثا افغان عوام کي واپس موٽائڻ گهرجن. پرڏيهي وزير هاءِ ڪمشنر کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ اتي انساني حقن جي سنگين صورتحال جي مسلسل نگراني ۽ رپورٽنگ تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس ۽ گڏيل قومن جي خصوصي مينڊيٽ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان کي ڀارت سرڪار پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني آبادياتي تبديلي تي گهري ڳڻتي آه??، ڀارت جي عير قانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڪاري قانون جي لاڳو سان انساني حقن جي محافظن جي خلاف انتقامي حملا، عدالت کان مٿانهون قتل، جعلي مقابلا ۽ ملڪيتن کي تباهي، معمول بڻجي چڪو آه??، پرڏيهي وزير انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا جي پڄاڻي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن ??اري مشينري سان پاڪستان جي مسلسل تعاون جو ورجاءُ ڪيو.