اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر حنا رباني کر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪابينا ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير جي چا??ج سنڀالي ورتي آهي. حنا رباني کر پنهنجي نئين ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پهتي ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس استقبال ڪيو. پاڪستا?? پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ حنا رباني کر ان کان اڳ فيبروري 2011ع کان مارچ 2013?? تائين پرڏيهي وزير رهي چڪي آهي. ان کان اڳ هو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير به رهي چڪي آهي.