ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي و??ي وزير کي صوبي سنڌ جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراع??م ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف سان سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ انتظامي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. وزيراعظم و??ي وزير کي صوبي جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن جي هدايت ڪئي، سنڌ جي و??ي وزير وزيراع??م محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي پنهنجي ڪابينا پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کيس يقين ڏياريو ته هو وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم استعمال ۾ آڻينداسين، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، مريم ??ور??گزيب، خالد مقبول صديقي، مولانا اسعد محمود، احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا.