اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ نئين چونڊيل حڪوم?? جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪندي معاشي بحالي، آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي خلاف ??ازش جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ وزيراعظم تي زور ڏنو آهي ته آئين ٽوڙيندڙ عنصرن کي آئين جي قوت سان منهن ڏنو وڃي ۽ ملڪ ۾ خانه جنگي ڪرائڻ جي سازش کي قانون جي طاقت سان ڪچليو وڃي، اڳوڻي وزيراعظم جي قومي ادارن تي حملن جي خلاف ??يرو ٽالرنس جو مظاهرو ڪندي فوري طور تي قانوني قدم کنيا وڃن، اتحادي حڪومت عوام سان ڪيل واعدن موجب چونڊ، معاشي، انتظامي سڌارن جو عمل تيز ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. پارلياماني پارٽي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ نئين چونڊيل حڪوم?? جي 11 اپريل 2022ع کان هيستائين جي ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪندي ان جي ايجنڊا ۽ قدمن جي تائيد ۽ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ تباهه حال معيش?? جي بهتري ۽ عوامي ريليف جي لاءِ خادم پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي ان جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ قرار ڏنو ته گذريل چار سال دوران سخت ترين مهانگائي سان ستايل عوام کي ريليف جي فراهمي خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ اٽو، کنڊ، گيهه سميت ٻين ضرور?? جي شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي عوام دوست جمهوري حڪوم?? جي عوام دوست جمهوري قدم آهن جن تي خادم پاڪستان ۽ ان جي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. اجلاس چيو ته عوام کي چار سال جي گذريل ڪاري دور ۾ جهڙي طرح مهانگائي سان تڙپايو ويو آهي، مشڪل معاشي صورتحال ۾ انهن کي خاطرخواهه ريليف ڏيڻ هڪ چئلينج آهي، جڏهن ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ اضافي ۽ بجيٽ خسارن ۾ اضافي جي باوجود عوام تي وڌيڪ اضافي بار نه وجهڻ جو خادم پاڪستان جرئتمندانو فيصلو ساراهه جوڳو آهي. اجلا?? اتحادي حڪومت تي زور ڏنو ته اها بجيٽ گنجا??ش ۾ اضافي سان گڏوگڏ عوام جي ريليف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون انهي عوام دوست جذبي سان جاري رکي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي. اجلاس اڳوڻي حڪوم?? جي معيش?? جي بحالي، آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي خلاف ??ازش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وزيراعظم پاڪستان تي زور ڏنو ته آئين شڪن عنصرن کي آئين جي قوت سان منهن ڏنو وڃي ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش کي قانون جي طاقت سان بنا دير ۽ بنا هٻڪ ڪچليو وڃي. اجلاس وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي غيرجمهوري وزيراعظم جي آئين ۽ عدليه سميت قومي ادارن تي حملن جي خلاف ??يرو ٽالرنس ڏيکاريندي فوري طور تي قانوني قدم کنيا وڃن. پارلياماني پارٽي آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي قانوني دفاع جي لاءِ قدمن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي. آئين تي عملدرآمد ٿيڻ پاڻ آئين جي گهرج آهي، ان کان انحراف ??ي سزا به پاڻ آئين تجويز ڪئي آهي. آئين تحت وجود ۾ ايندڙ حڪوم?? جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ته اها آئين جي پاسداري، عملداري ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. سياست بدران سازش ڪندڪڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ آئين جي گهرج آهي. اجلاس قرار ڏنو ته اڳوڻو غيرجمهوري آئين شڪن وزيراعظم عدليه، اليڪشن ڪميشن ۽ قومي ادارن کي رڳو ان لاءِ نشانو بڻائي رهيو آهي ته اهي آئين تي هلي رهيا آهن. اها نه رڳو ادارن ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي پر هڪ ائٽمي مل?? جي قومي مفادن کي پڻ خطرن ۾ وجهندڙ ملڪ دشمن سوچ آهي. پاڪستان جي معيشت ۽ ان جا قومي مفاد ملڪ ۾ ڪنهن انتشار، فتني ۽ فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن. اهڙي ڪڌي سوچ ۽ اعلان ڪندڙ آئين کي نه ٿا مڃن ته آئين تحت اهي ڪنهن رعايت جا به مستحق نه آهن. اجلاس حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين، سمورن مڪتبه فڪر، ميڊيا، وڪيلن، سول سوسائٽي، نوجوانن سميت پاڪستان جي سمورن محب وطن طبقن کي اپيل ڪئي ته اهي آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي خلاف ??ازش جي مذمت ڪن ۽ آئين شڪن شرپسند عنصرن جي خلاف ڀرپور آواز اٿارين. اجلاس مسجد نبوي ﷺ جي حرمت ۽ تقدس جي منافي واقعن جي سخت مذمت ڪندي قرار ڏنو ته مدنيي جي رياس?? جي دعويدارن مديني جي تقدس جي پاسداري نه ڪئي جنهن سان انهن جي کوکلي ۽ مڪروهه ڪردار کي خبر پوي ٿي. ان ڪڌي حرڪت سان نه رڳو هڪ پاڪ جڳهه جي احترام کي فراموش ڪيو ويو جنهن باب قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ جو واضح حڪم موجود آهي پر ڀائر ملڪ سعودي عرب ۾ ڪيل ان حرڪت سان پاڪستان جي ساک کي به متاثر ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي. اجلاس حڪومت تي زور ڏنو ته اها اهڙا موثر قدم کڻي ته جيئن اڳتي اهڙو ڪڌو فعل ٻيهر نه ٿئي. اجلا?? اتحادي حڪوم?? جي عوام سان ڪيل واعدن موجب چونڊ، معاشي، انتظامي سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت يت زور ڏيندي اتحادي پارٽين کي چيو ته اهي ان ايجنڊا کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وقت جو واضح نظام جوڙين ۽ ان ڏس ۾ گڏيل بنيادن تي حڪمت عمل جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي سگهن ٿا. اجلاس چئني صوبن جي دوري ۽ ترقياتي منصوبن جي اعلان ۽ چار سال کان رڪيل منصوبن تي ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وفاق پاڪستان جي مضبوطي ۽ قومي يڪجهتي جي لاءِ جيڪي قدم کڻي رهيو آهي اهي حقيقي جمهوري وزيراعظم جي منصب جي گهرج آهي جنهن کي موجوده چونڊيل جمهوري وزيراعظم بهتر طريقي سان پورو ڪري رهيو آهي ۽ اڪائين جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان عمل کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندو.