اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مر??وم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عر?? امارات ۾ پاڪس??ان جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات جي قيادت سان پ??ڪس??ان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪس??ان ۽ گڏيل عر?? امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مر??وم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پاڪس??ان ۽ گڏيل عر?? امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪس??ان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عر?? امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪس??ان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.