اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، سيڪري??ري جنرل عامر محمود ۽ تنظيم جي ٻين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي مضبوطي جي ??اء?? صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مخلوط حڪومت نه رڳو ميڊيا جي آزادي جي تحفظ تي پڪو يقين رکي ٿي پر ان جي فروغ ??اء?? پڻ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سي پي اين اي هڪ اهم ميڊيا تنظيم آهي ۽ ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ ??اء?? ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو. هن صحافين/ ميڊيا پرسنز ۽ صحافت جي خدمت جي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي ??اء?? نئين چونڊيل باڊي جي ڪاميابي جي ??اء?? دعا ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.