اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) سينيٽر ملڪ شهادت اعواڻ مم??ڪتي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين مم??ڪتي وزير کان حلف ورتو. سينيٽر ملڪ شهادت اعواڻ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف کنيو. حلف برداري جي تقريب ۾ ??ول ۽ فوجي ??مل??ارن ?? ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته 11 اپريل تي نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ ڪابينا جي جوڙجڪ 19 اپريل تي عمل ۾ آئي هئي، پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ?? 3 مم??ڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪابينا ۾ مختلف مرحلن ۾ توسيع ڪئي وئي آهي.