سکر – 12 – آگسٽ (اي پي پي) خيرپور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊسٽ??ڪٽ اسڪائوٽس گرائونڊ خيرپور ۾ صبح 8 وڳي ٿيندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ اسڪائوٽس جا دستا قومي جهنڊي کي سلام پيش ڪندا، ان دوران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليس، رينجرز، ??ي ڊي سي ون، اسسٽنٽ ڪمشنرز، ??يڊيو پاڪستان، ميونسپل ڪميٽي، روٽري ڪلب، تعليم، صحت، روينيو، اسڪائوٽس، سماجي تنظيمن ۽ ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ?? شرڪت ڪ??ي. ڊي سي خيرپور آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن کي گلدستا، مـٺائي ۽ فروٽ ورهائڻ ۽ سينٽرل جيل ۾ قيدين جي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪ??ڻ جي هدايت ڪ??ي جڏهن ته سڄي شهر ۾ صفائي کي بهتر بڻايو ويندو.