راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽري جي صدر نديم رئوف آزادي جي ڏهاڙي ج?? 75 ??ين سالگرهه ۽ ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي هڪ قوم بڻجي پاڪستان جو مستقبل س??وارڻو پوندو، نئين دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي تصورن جي روشني ۾ عزم، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي قوت بڻائينداسين. هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ترقي لاءِ عملي قدم کڻندي، واپاري برادري پاڪستان ٺاهيندڙن ۾ شامل آهي ۽ ان جي بقاءَ ۽ سلامتي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، اسان کانپوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪ اقتصادي ۽ صنعتي ترقي ۾ اسان کان تمام گهڻو اڳتي ??ڪري ويا آ??ن.