اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ف??ج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باوجوه چيو آهي، ته اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي بي مثال قربانين جو نتيجو آهي، شهيدن جي بي مثال قربانين ع??وض اسان جي جهنڊي جو ڳاٽ اوچو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو يوم دفاع ۽ يوم شهداءِ جو پيغام جاري ڪيو. جنهن ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم پنهنجي هيروز کي سلام پيش ڪري ٿي. عوام جي حما??ت سان سمورين ڏکائين باوجود ملڪ جو دفاع ڪندا رهنداسين، جهنڊي جي سربلندي لاءِ اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي امانت آهي، پاڪستان جو جهنڊو اوچو رکڻ لاءِ شهيدن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.