صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچس??ان جي ٻوڏ کان مت??ثر علائقي صحبتپور ۾ ٻوڏ ??تاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دو??و ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ ??تاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي بلوچس??ان جي چيف سيڪريٽري صحبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.