اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بر??ان??ا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پاڪستان بر??ان??ا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم سان بر??ان??ا جي ڏک?? ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بر??ان??ا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڪري ا??سا??ي جانين جي زيان تي بر??ان??ي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ بر??ان??ا جي حمايت تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وزيراعظم کي ٻڌايو ته بر??ان??ي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پاڪستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جي لاءِ بر??ان??ا پاران وزيراعظم کي مسلسل مدد جي خاطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پاڪستان جي لاءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان بر??ان??ا جي ٻوڏ بابت امداد جي ڪل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي حقن جي مسلسل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڏک?? ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چا??ٽر جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو. جنهن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي استعمال جو خطرو، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي لاءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي تڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم بر??ان??ي مملڪتي وزير ۽ ان جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.