اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي ??وقف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ خاص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي ??نزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ته فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀارت جي ??خالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به پاڪستان جي ??جود کي تسليم ناهي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي باهه ٻري رهي آهي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان متوقع الحاق“ جي ??وضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميرين جي ??وقف کي تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي سمجهيو، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سمجهيو آهي، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف هميشه ساڳيو ئي رهيو آهي، ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي منظر تان هٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي ??انونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آهي، ان موقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.