بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي وز??راعظم محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وز??ر مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن ??ارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وز??ر سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه وز??راعظم سان گڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وز??راعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وز??راعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وز??راعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وز??راعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وز??راعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وز??راعظم جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.