اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياس?? ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياس?? ڪري، صحافين جي ج??ن کي خطري ۾ نه وجهي. پنه??جي بيان هن چيو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عمران خ??ن کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچ??. سياسي مخالفن سان سياسي مخالف?? ڪريو، ملڪ دش??ني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عمران خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن جي شديد مذم?? ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنه??جي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.