ڪراچي – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا هن وقت مفادن تي ٻڌل تعاون بدران اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ڳولا ۾ آهي، سرحدون هاڻي غيرلاڳاپيل ٿي چڪيون آهن ڇو ته چئلينجز سرحدن جي پار ٿيڻ وارا آهن ان لاءِ ان موجب طريقيڪار پڻ اختيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي گورنر هائوس ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي عالمي لاڳاپن جي اهتم??م هيٺ پهرين پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊڪٽر عارف علوي گلوبل وارمنگ جي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر پڻ سرحد پار آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده دور ۾ تعاون جو دارومدار ويزا جهڙ?? سفري دستاويزن تي نه آهي ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو هڪ ملڪ ۾ رهن ٿا جڏهن ته ٻئي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا. هن تقريب منعقد ڪرڻ تي اردو يونيورسٽي کي ساراهيندي چيو ته ڪانفرنس جو موضوع ”پاڪستان – ??ول??نڊ لاڳاپا، بدلجندڙ عالمي نظام ۾ چئلينجز ۽ موقعا“ پڻ تمام اهم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به ننڍي ڪمپني به وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جا تفصيل ٻڌائيندي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اصغر عل?? دشتي چيو ته هي ڪانفرنس 6، 7 ڊسمبر تي آءِ بي اي سٽي ڪئمپس ڪراچي ۾ منعقد ٿي. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو اهتمام اردو يونيورسٽي جي عالمي لاڳاپن ۽ انسٽيٽيوٽ آف ??ول??ٽيڪل سائنسي يونيورسٽي آف مازوري ۽ وارميا ??ول??نڊ گڏيل طور تي ڪيو آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد تعليمي ماهرن، پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن کي ٻنهي رياستن جي وچ ۾ اڀرندڙ شعبن تي هڪ جهڙن خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هي پهرين ڪانفرنس آهي جيڪا پولش يونيورسٽي سان گڏ گذريل سال وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف وارميا ۽ مازوري ??ول??نڊ جي وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمت جي ياداشت تحت منعقد ڪئي پئي وڃي. پنهنجي خطاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف ??ول??ٽيڪل سائنس، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، يونيورسٽي آف وارميا ۽ مازوري جي ڊائريڪٽر پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چيو ته اسان جو عملو عالمي سطح تي تحقيقي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ اسان مختلف شعبن ۾ تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اردو يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف وارميا اينڊ مازوري – ??ول??نڊ گذريل سال گڏيل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چيو ته هو ڪانفرنس جي موضوع کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ تمام گهڻو پراميد آهي ته هي تقريب تمام گهڻي ڪامياب ٿيندي. اهڙي قسم جي ڪانفرنس سائنس?? سفارتڪاري سان ملي جلي ٿي. اردو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پهرين پاڪستاني – ??ول??نڊ عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اردو يونيورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي فيڪلٽي ميمبرن هن ڪانفرنس کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. ??ول??نڊ جي مارڪيٽن کي مستحڪم قرار ڏيندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پاڪستاني واپاري برادري پاران ??ول??نڊ جي مارڪيٽ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت ي زور ڏنو. هن چيو ته ??ول??نڊ يورپ جو چوٿون وڏو ملڪ آهي جيڪو هڪ اهم جاگرافيائي جڳهه تي آهي ۽ ان کي يورپ جو گيٽ وي پڻ سمجهيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??ول??نڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ اقصادي لاڳاپن ۾ هڪ اڳڀرائي ثابت ٿيندي. انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي ڪراچي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته آءِ بي اي ڪراچي پڻ اردو يونيورسٽي وانگر هڪ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي آهي ۽ اسان سدائين تعليم ۽ تحقيق جي فروغ جي لاءِ ٻين ادارن سان تعاون ڪريون ٿا. اڪبر زيدي چيو ته آءِ بي اي جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اسان کي سمورين يونيورسٽين سان شيئر ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن يونيورسٽي آف وارميا اينڊ مازوري ??ول??نڊ جي عهديدارن کي پڻ آءِ بي اي ڪراچي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.