اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ??هي جنهن جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري فوت ۽ 17 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙي قسم جا افسوسناڪ واقعا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن موجب نه آهن. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته افغان عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو ??هي ته اهڙن واقعن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ذمي??ار?? جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. ترجمان چيو ته سرحد تي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ٻنهي ڌرين جي ذمي??ار?? آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپيل عملدار ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رابطي ۾ آهن ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي ۽ ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.