اس??ام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ ??رب??نيون اد رکيون وينديون، شهيدن جي ??رب??نين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي 23 ڊسمبر تي آئي ٽين، اس??ام آباد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل سيد عديل حسنين جي گهرڀاتين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي گهرڀاتين کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن 25 ڊسمبر تي ڪوهلو، بلو??ست??ن ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ڪيپٽن محمد فهد خان ۽ سپاهي اصغرالدين جي پونئيرن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي محمد شمعون ۽ لانس نائيڪ محمد امتياز جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ ??رب??ني تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر شهيدن جي خاندانن جي وطن جي لاءِ ??رب??ني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. صدر سمورن شهيدن کي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ جان جي ??رب??ني پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ ??رب??نيون ياد رکيون وينديون، پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، شهيدن جي ??رب??نين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. صدر پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.