اسلام آباد– 02 – فيب??ور?? (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيب??ور?? تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن ??ال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن ??ي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن ??ان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ت??قي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ض??ور?? آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن ??ها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.