اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪرائڻ جي ملڪ گير مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين، اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪندي چيو آهي ته تع??يم، مذهبي معاملن، ناڻي، واپار ۽ معاشي معاملن واري وزيرن، صوبائي حڪومتن کي عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعت ۽ واپار وارا ايوان، ڪاروباري برادري، سرنديءَ وارن ماڻهن، عالم سڳورن، تع??يمي ادارن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي تع??يمي ادارن ۾ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي مدد جي اپيل تحت مهم هلا??ي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي تع??يم وارو وفاقي وزير اڄ جمعي کان مختلف تع??يمي ادارن جو دورو ڪند??. ت??ليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وزيراعظم پ??را?? شاگردن کي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪند??. ت??ليمي ادارن ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ خصوصي ڪئمپ هنيا ويندا. گڏ ٿيندڙ عطيو ترڪيه جي عوام جي مدد لاءِ استعمال ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مذهبي طبقن ۽ عالم سڳورن سان رابطو ڪند??. ت??ڪيه جي عوام جي مدد لاءِ عوامي راءِ هموار ڪندو. وزيراعظم عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون.