اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ??يم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثري?? جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏام?? جي ذريعي 2686 ٽن خيما روانا ڪي?? ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهاز?? جي ذريعي موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ??يم اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ??يم اي هيستائين 26 خصوصي اڏام?? جي ذريعي 36402 سردي جي موسم جا خيما ترڪيه موڪلي?? ويا آهن.