اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي رمضان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ا??حمدالله رمضان مهيني جي سعادتون ۽ برڪتون هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي مليون آهن، رمضان مهيني ۾ مسلمان امت ۽ پاڪستان جي ب??تري لاءِ خصوصي دعائون ڪريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم رمضان المبارڪ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رمضان الله ڪريم جي رحمتن ۽ برڪتن جو خصوصي مهينو آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ۽ مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته ا??له تعاليٰ جي آڏو پاڪستان جي خوشحالي ۽ سربلندي، دهشتگردي کان ڇوٽڪاري جي خصوصي دعا ڪريو، اجتماعي مغفرت، انسانيت جي ب??تري ۽ آفتن کان بچاءُ جي لاءِ خصوصي دعا جي اپيل ڪئي آهي، الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني کي اسان جي اجتماعي بخشش، انسانيت جي ب??تري جو ذريعو بڻائي.