اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ مفت اٽ?? جي فراهمي شروع ٿي چڪي آ??ي، بلوچستان، سنڌ ۾ به تمام جلد مفت اٽ?? جي فراهمي شروع ٿي ويندي، وزيراعظم جي هدايتن تي سستي پيٽرول جي اسڪيم تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آ??ي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين واري عمل جي باوجود وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ عوام جي مفت اٽي جو تحفو ڏنو آهي. هو ملڪي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائي رهي هئي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي عوام کي هڪ خوشخبري کان آگاهه ڪري رهي آ??يان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽ?? جي ورڇ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا معاشي صورتحال، آءِ ايم ايف جو معاهدو اڃان ڳالهين جي عمل ۾ آهي ان ۾ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ان جذبي، نيت ۽ عزم جو عهد ڪري ٿو ته شهباز ??ريف سدائين پاڪستان جي عوام جي مشڪلاتن بابت سوچيو ۽ سهولت فراهم ڪئي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا کي استعمال ڪندي مفت اٽ?? جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم جو اهو ئي ويزن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به شروع ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ٽريڪ رڪارڊ آهي جڏهن به ملڪ ۾ ٻوڏ هجي، قدرتي آ??ت يا رمضان پئڪيج هجي يا ڪو به عوامي خدمت جو منصوبو هجي ان جي شفافيت ۽ معيار جي مانيٽرنگ هو پاڻ ڪندو آيو آهي، ان جي ڪري کيس شهباز ??سپيڊ سڏيو وڃي ٿو جيئن شفافيت جي منصوبن تي ڪا آڱر نه کڄي سگهي. هن چيو ته سستي پيٽرول اسڪيم تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. سستي اٽ?? جي مد ۾ 74 ارب لاڳت ايندي، هن وقت تائين 42 لک ماڻهن تائين اٽي جا ٿيلها مفت ورهايا ويا آهن، پنجاب ۾ 41 لک، خيبرپختونخواهه هڪ ڏينهن جي اندر 75 هزار ٿيلها ۽ اسلام آباد ۾ 20 هزار ٿيلها هڪ ڏينهن ۾ ورهايا ويا آهن، وزيراعظم پاڻ قصور ۽ لاهور جو دورو ڪيو ۽ مفت اٽ?? جي فراهم?? جي عمل ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو. پهريون ڀيرو ان سطح تي سستي اٽ?? جي فراهمي ٿي رهي آ??ي ته ڪجهه مشڪلاتون سامهون آيون جنهن تي وزيراعظم پاڻ ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن کان اٽ?? جي مفت فراهمي ۾ درپيش مشڪلاتن بابت پڇيو آهي، وزيراعظم باقي علائقن ۾ به ويندو، انتظاميا اٽ?? جي معيار بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙ?? جي بنياد تي ان حوالي سان رپورٽ وٺي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ سدائين عوام جي خدمت ڪئي آ??ي، بجلي جا منصوبا هجن يا صحت ڪارڊ، ميٽرو بس هجي يا يوٿ اسڪيم، ليپ ٽاپ جي فراهمي هجي يا سستي قرضن جي فراهمي هجي اهو سڀ ڪجهه (ن) ليگ جي دور حڪومت ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت وئي ته مهانگائ?? جي شرح 2.4 هئي، چار سالن دوران مهانگائ?? جي شرح 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي، 2018ع تائين محمد نواز ??ريف اٽ?? جي قيمت في ڪلو 55 رپين کان وڌڻ نه ڏني، کن?? جي قيمت 52 رپيا، گيهه، مصالحن، ڀاڄين جي شرح 2.4 سيڪڙو تي هئي. هن چيو ته جڏهن خزانو ڀريل هو ته ان وقت خزاني کي ڦريو ويو ۽ عوام کي تڪليف ڏني وئي، اٽي، کنڊ چورن عوام کي ڦريو، عوام کي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، اهي ماڻهو جيڪي خزاني کي ڦري ويا آهن، آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام ڏئي ويا آهن جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اڄ اهي ئي چور عدالتن ۾ پيش به نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته رمضان ۾ عوام کي ڏني ويندڙ سستي اٽي ۽ پيٽرول جي سهولت بنا رڪاوٽ جاري رهندي، هڪ ڊيش بورڊ ٺاهيو ويو آهي جتي سمورين مشڪلاتن جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته شهباز ??ريف ٻوڏ جي صورتحال تي جهڙي طرح ضابطو آندو ان جو مثال نه ٿو ملي، ٻوڏ جي سمورين ريليف سرگرمين جو هن پاڻ جائزو ورتو آهي. هن چيو ته اڄ جيڪو شخص ملڪ ۾ فساد، انارڪي چاهي ٿو اهو ان وقت شهباز ??ريف جو مذاق اڏائيندو هو جڏهن هو فيلڊ ۾ وڃي عوام جي تڪليف ۽ ڏکن جو مداوو ڪندو هو.