اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر يورپي يونين جي گ??دي وارن شهرن ۾ پاڪستان جي سفيرن سان مائيگريشن ۽ موبلٽي تي هڪ اجلاس جي صد??رت ڪئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڌريون شريڪ هيون. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ غيرقانوني لڏپلاڻ کي ر??ڪيندي يورپي ملڪن کي ليبر جي برآمد کي وڌائڻ جي ڪوششن تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ خطي جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مهارتن جي ترقي ۾ سيڙپڪاري تي به زور ڏنو ويو.