اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي منا??بت سان رٿيل عالمي ??نو??نشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جمهوريت ک?? دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ??نو??نشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ان اهم ترين عالمي ??نو??يشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي دنيا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ??نو??نشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت ک?? دنيا ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ??نو??نشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن لاءِ آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ويندو. عالمي ??نو??نشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ويندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ قدم ??نيا ويندا.