اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهن??ي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ا??ار?? ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال ??ي پٺيان بُر?? ارادن بابت ڪير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهن??ي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آهي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ا??ار?? جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ماڻهن کي تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي ياد??ار?? کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ جعلي خبرن جو طريقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ آهي.