باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، س??ڙپڪاري، توانائي، دفاع، س??احت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي موجوده صورتح??ل جو جائزو ورتو، اسان پنهنجي بهترين لاڳ??پن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جي گڏيل عزم موجب واپار، س??ڙپڪاري، توانائي، دفاع، س??احت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ان جو وفد ??اڪ??تان ۽ ??اڪ??تان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ ??اڪ??تاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳ??پن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي ??اڪ??تان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي ??اڪ??تان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اسان جي ٻطرفن لاڳ??پن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.