اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان قوم جو مستقبل ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، دل چاهي ٿي ته هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي ۽ هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپس ورهايان، نوجو??نن تي سيڙپڪاري کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون شزه فاطمه، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان کانسواءِ ايڇ اي سي جي چيئرمين، استادن، والدين ۽ ??اگ??دن ۽ ??اگ??دياڻين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون خادم پنجاب هئس ته نوجو??نن ۾ لکين ليپ ٽاپس ورهايا. پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ سان بي شمار ??اگ??دن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو انهن مان ڪيترائي ??اگ??د ۽ ??اگ??دياڻيون اڄ ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ڪامياب پروفيشنلز بڻجي چڪا آهن ۽ ??اڪ??تان جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ ڏينهن لاهور ۾ هڪ ٻارڙي ليپ ٽاپ وٺندي مون کي ٻڌايو ته ان جا والدين هند نيا ۾ نه آهن پر هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي روشن مستقبل جي ڪُنجي نوجو??نن جي هٿ ۾ آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته هر نوجوان جي هٿ ۾ ليپ ٽاپ ڏيان. ڪوويڊ – 19 جي عالمي وبا آئي ته درسگاهون بند ٿي ويون. اهي ليپ ٽاپ ئي هئا جيڪي نوجو??نن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ڪامياب پروفيشنل بڻجڻ جو ذريعو بڻيا. جديد دور جي گهرجن موجب قوم جي هر ٻار جنهن وٽ علم آهي ۽ محنت ڪرڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجو پيٽ ڪاٽي ليپ ٽاپ فراهم ڪنداسين. اهي ليپ ٽاپ لکين نوجو??نن کي روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جو ذريعو به بڻيا آهن. ايندڙ هڪ سال دوران نوجو??نن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، ان جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. اهي ليپ ٽاپ ڪنهن سفارش تي نه پر نج ميرٽ تي ملندا. وزيراعظم چيو ته نوجو??نن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ نوجو??نن کي به 5 ارب رپين جا زرعي قرض فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته نوجو??نن جي محنت رنگ آڻيندي ۽ اسان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڙيسري ملڪ کي به پٺتي ڇڏينداسين ۽ ??اڪ??تان کي ان جو وڃايل مق??م واپس ڏيارينداسين. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ نوجو??نن ۾ ورهايان ڇو ته اهي ئي ليپ ٽاپ ??اڪ??تان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندا. وزيراعظم سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پوري قوم دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي ته ڪو به مسلمان قرآن مجيد جي بي حرمتي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڦيٿو ڪاٽي پوري ??اڪ??تان جي ??اگ??دن ۽ ??اگ??دياڻين ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي پروگرام جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ شريڪ مختلف يونيورسٽين جي نمايان تعليمي قابليت جو مظاهرو ڪندڙ ??اگ??دن ۽ ??اگ??دياڻين ۾ پاڻ ليپ ورهايا.