اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگران ??ڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران ??سان کي ان مسئلي ??ي حل طرف اچڻ گهرجي، ان ??حث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي ??ي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، اسان ??و ڌيان ??وام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، اسان ??ميوار آئيني نگران ??ڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ??ن مسئلي ??و نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي ??ي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي ??ي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي ??ي بلن جي حوالي ??ان لاڳاپيل ڌرين سان ??جلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ان ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ميديا کي بجلي ??ي بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ??ن کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ??حث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چيو ته اسان کي سمورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران ??سان کي ان مسئلي ??ي حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ته عوام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ??ن مسئلي ??ي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران ??ڪومت جي مدي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي ??ان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ??ليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان ??لسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.