اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪا??ڙ پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. هو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 78هين اجلاس کي خطاب ??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان مطابق نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ جنرل اس??مبلي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم آمري??ا ۾ گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي اجلاس کان علاوه موسمياتي تبديلي تي منعقد ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ان دوري ۾ عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي نمائنسن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس جو به دورو ڪندو.