اسلام آباد – 03 – نو??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري ??وم دهشتگردي جي ان ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميد??ا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلن??ي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، شهيدن ملڪ جي حفاظت جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني ??وم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني ??وم ۽ ان جي رکوالن جا حوصلا ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهندا، پوري ??وم دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.