اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبر جي عل??ئقي تيراهه ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خ??اج عقيدت پيش ??يو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن، خوش دل خان، رفيق خان ۽ عبدالقادر کي جان جو نذرانو پيش ??رڻ تي قوم پاران خ??اج عقيدت پيش ??ندي چيو آهي ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻينداسين. صدر چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو.