اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪمي??ي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪمي??ي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگ??ان وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگ??ان وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگ??ان وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪمي??ي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.