اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري شاهيره شاهد 2024ع جي چونڊن جي حوا??ي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيم??نا?? کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري جتي ملڪ جي مستق??ل جي حوا??ي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن جي حوا??ي سان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سيم??نا?? جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن جي حوا??ي سان سيم??نا?? جي ذريعي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيم??نا?? منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.