اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي و??ير مرتضيٰ سولنگي ۽ نگران وفاقي گهرو و??ير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي و??ير مرتضيٰ سولنگي ڊاڪٽر گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن 8 فيبروري جي عام چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي و??ير چيو ته چونڊون پرامن ?? شفاف طريقي سان منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سيڪيورٽي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ مڪمل تعاون آهي. ملاقات ۾ چونڊن دوران ميڊيا جي ذميوارين بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي و??ير چيو ته چونڊن کي شفاف منصفاڻو بڻائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا چونڊ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪري. هن چ??و ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيزي ۽ پروپئگنڊه کان پاسو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وفاقي گهرو و??ير چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چ??نڊن ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چ??و ته چونڊن دوران امن امان هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريديو پاڪستان سعيد احمد شيخ پڻ موجود هئا.